فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو

فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو: شاعر فقير عبدالرحيم ‘عبد’ مڱريي جو اصل نالو فقير محمد بخش (ثاني) ولد فقير گل بهار مڱريو هو. هو 1944ع ڌاري ڳوٺ ملنگ مڱريو (پڪي کوهي) تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. مقامي اسڪول مان ست درجا (فائنل) پاس ڪري ايريگيشن کاتي ۾ داروغي جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. شاعرن جي صحبت ۽ اصلاح سبب کيس علم عروض جي گهڻي ڄاڻ هئي. سندس ڏاڏو به شاعر هو، جنهن جي عرس جي موقعي تي 21-22 شوال تي هر سال ادبي ميڙاڪا ڪوٺائيندو هو، جتي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا پڻ ٿيندا هئا. هن پنهنجي ڳوٺ ملنگ مڱريو ۾ بزم طالب المولى شاخ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي پروگرام پڻ ڪرايائين. سندس هڪ ڪتاب ‘سرگروهه سالڪان’ 2001ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس اڻ ڇپيل ڪلام پونيرن وٽ محفوظ آهي. هن 17 مارچ 2006ع تي وفات ڪئي. سندس مزار درگاهه فقير محمد بخش (اول) ڳوٺ ملنگ مڱريو ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو